ڪور ڪمانڊر هائوس ڪيس: پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اي پي اي سميت 16 جوابدار فوج حوالي
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس لاهور، ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملن ۽ هنگامن جي ڪيس ۾ مبينا طور ملوث پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي اڪرم عثمان سميت 16 جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ تحت آرمي جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڇڏي ڇڏي آهي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪمانڊنگ آفيسر پاران 16 جوابدارن جي حوالگي جي استدعاڪئي هئي، عدالت درخواست منظور ڪندي جوابدارن کي ڪمانڊنگ آفيسر حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڏوهي قرار ڏنل آهن، سندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل هلائي سگهجي ٿو. فوجي آفيسرن طرفان جوابدارن کي جنهن ۾ ڏوهه ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي ته انهن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ 1952ع تحت ٿي سگهي ٿو، جنهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪمانڊنگ آفيسر جي استدعا منظور ڪري ورتي آهي.ان موقعي تي پراسيڪيوشن پاران ڪمانڊر جي درخواست تي ڪوبه اعتراض نه واريو، جنهن بعد عدالت سپرٽينٽڊنٽ ڪيمپ جيل کي 16 جوابدارن کي آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ ڪمانڊنگ آفيسر حوالي ڪري ڇڏيو.