ڪنهن کي به شهيدن جي لازوال قربانين کي مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي : آءِ ايس پي آر
راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڪنهن کي به شهيدن جي لازوال قربانين کي مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستاني قوم شهيدن ۽ سندن قابل احترام خاندانن جي هميشه قرضي رهندي. شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي تي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهيد سندن فخر هئا، آهن ۽ سدائين رهندا، اڄ سڄي قوم لاءِ هر شهيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جا شهيد سندن هيروز ۽ ملڪ جو عظيم اثاثو آهن، شهيدن جون لازوال قربانيون وطن جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهنديون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن به پاڪستان جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.