My WordPress Blog

پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ وارا ناڪام ٿي ويندا، مُلڪ جو باشعور نوجوان مون سان گڏ آهي: عمران خان

0

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نوَ مئي جي واقعن کي جواز بڻائي پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نوَ مئي جي پُرتشدد واقعن جي سندس پارٽي جي سموري قيادت مذمت ڪرچُڪي آهي، پر ان باجود واقعن  کي جواز بڻائي پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کان زبردستي پارٽي ڇڏرائي پئي وڃي ، ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا پيا وڃن. عمران خان چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون ۽ صحافي جيڪي آواز ناهن اُٿاري رهيا اهي ياد رکن ته هي تحريڪ انصاف کي نه پيو ٽوڙيو وڃي پر اهو اسان جي جهموريت ۽ آزادي تي راتاهو هنيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مخالفن جون غلام بڻائڻ واريون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون ڇو جو مُلڪ جو باشعور نوجوان مون سان گڏ آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.