پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو سلسلو:سبب ”دٻاءُ“ يا 9 مئي جا واقعا؟
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بي بي سي موجب عمران خان پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي جدائي کي ”جبري علحدگي“ قرار ڏيندي تاثر ڏنو ته پارٽي ڇڏڻ وارن تي اسٽيبلشمينٽ جو سڌو دٻاءُ آهي.جڏهن اسان قيصر خان مگسي کان پڇيو ته ”ڇا اسٽيبلشمينٽ طرفان پارٽي ڇڏڻ لاءِ ڪو دٻاءُ هو؟. هن چيو ته سڀ کان پهريان مان پارٽي کان فاصلو اختيار ڪري چڪو هئس، هن ان جو سبب عمران خان جي ڀيڻ جو چوباره ۾ زمين خريد ڪرڻ تي تڪرار هو. قومي اسيمبلي جي ميمبر محمود باقي مولوي چيو ته مون تي ڪو به ٻاهريون دٻاءُ ناهي. اهو منهنجو پنهنجو فيصلو هو،جڏهن ته جليل شرقپوري چيو ته فوج اسان جي ريڊ لائن آهي. عمران خان ۽ سندس پارٽي فوج سان ٽڪرائجي وئي، اسان هن پارٽي ۽ ليڊر سان ڪيئن هلنداسين. مون تي بيروني دٻاءُ نه، پر اندروني دٻاءُ هو.تجزيه نگار سهيل وڙائچ چيو ته هن وقت جيڪو ڪجهه پي ٽي آءِ سان ٿي رهيو آهي، اهو ئي ڪجهه 1977ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سان ٿيو هو. جيئن ته 2018 جي ڳالهه آهي، جيڪي هاڻي پارٽي ڇڏي رهيا آهن، اهي سڀ ماڻهو سياست ڪرڻ آيا آهن. تجزئي نگار سلمان غني جي راءِ ۾ ته 9 مئي جهڙو واقعو 2013 يا 2018 جي چونڊن کان اڳ نه ٿيو هو. 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن اهڙو ردعمل نه ڏنو، جنهن تي هن وقت عمران سڌي ريت آرمي چيف تي تنقيد ڪري رهيو آهي. سلمان غني جو به ساڳيو خيال آهي ته ٻيون سياسي پارٽيون ۽ انهن جا ماڻهو اسٽيبلشمينٽ مخالف هئا پر انهن فوجي تنصيبات تي حملا نه ڪيا. ماضيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار تي سوال ڪيا ويا پر هن ڀيري فوجي ڪردار تي حملو ڪيو ويو، جنهن جا مختلف نتيجا نڪرندا، ڇاڪاڻ ته عمران خان سياسي شخصيت نه هئڻ باوجود موجوده آرمي چيف تي سڌي ريت تنقيد ڪندو رهيو آهي.