My WordPress Blog

پي ٽي آءِ جا عدالتي سهولتڪار ۽ وڪيل به ٻڏتر جو شڪار ،مايوس

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  سپريم ڪورٽ ۾ آڊيو ليڪس ڪميشن ۽ آئين جي شق 245 تحت  فوج گهرائڻ خلاف عمران خان  جي داخل  درخواستن ٻڌڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. 2 هفتا اڳ تائين  صورتحال اها هئي ته پي ٽي آءِ جي درخواست اچڻ شروع ٿي ويندي هئي پر هاڻي هوائن جو رخ تبديل نظر اچي رهيو آهي. عمران خان جي ضد، هٺ ڌرمي ۽ غلط حڪمت عملين سبب جتي پي ٽي آءِ ڪک پن ٿي رهي آهي. اتي نظر اچي رهيو آهي ته عدالتن ۾ به موجود پي ٽي آءِ جا  سهولت ڪار پريشان ٿي ويا آهن ۽ مايوس به آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ ته  جج پي ٽي آءِ وڪيلن کي اهو به چئي ڇڏيو ته ملڪ ساڙي وري ضمانتن لاءِ عدالت آيا آهيو. نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته هم خيال ججن آئين ۽ قانون کان تمام گهڻو اڳتي وڌي عمران خان کي رليف ڏنو پر عمران خان ان جو تمام گهڻو ناجائز فائدو ورتو جنهن ڪري هاڻي جج به تڪليف ۾ نظر اچي رهيا آهيو. هاڻي ججن جي لهجي ۾ توائي ۽ جذبو ماٺو ٿي ويو آهي. ساڳي طرح پي ٽي آءِ حامي وڪيل به ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.