My WordPress Blog

نوَ مئي واقعن جي ذميوارن کي قوم نه معاف ڪندي نه ئي وساريندي: آرمي چيف

0

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جيڪو ڪجهه نوَ مئي تي ٿيو، اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت هو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي حوالي سان آرمي چيف جنرل عاصم منير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو، هن اسلام آباد پوليس جي آفيسرن، جوانن، پوليس جي شهيدن پونئرن کي خطاب ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ سندن وقار کي مجروح ڪندڙن کي نه قوم معاف ڪندي نه ئي وساريندي. آرمي چيف چيو اهڙي عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو، فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت آهن. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مُلڪ جي وقار خاطر ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا، پاڪستاني قوم شهيدن، سندن قابل احترام خاندانن ۽  فوج سان گڏ آهي ۽ رهندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.