My WordPress Blog

نوَ مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو فرق ناهي: وزيراعظم

0

پشاور (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوَ مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو فرق ناهي، تنهنڪري کين سزا ضرور ملندي. وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو ، جتي ڊي جي ريڊيو پاڪستان کيس نوَ مئي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ريڊيو پاڪستان پشاور جي ان ئي عمارت مان 14 آگسٽ 1947ع تي آزاديءَ جون صدائون بلند ٿيون ۽ مملڪت خداداد جي آزاديءَ جو اعلان ٿيو. وزيراعظم چيو ته نوَ ۽ ڏهه مئي وارن دل ڌوڏيندڙ واقعن پاڪستاني عوام کي ڪاوڙائي ڇڏيو، تاريخي ۽ قومي ورثي کي باهه ڏيڻ ڪهڙي حب الوطني آهي؟.هن چيو ته شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، قومون پنهنجي تاريخي ورثي ۽ سڃاڻپ جي حفاظت ڪنديون آهن پر هتي انهن کي باهيون ڏنيون ويون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سئو سالن جو رڪارڊ ۽ تاريخي ورثو تباهه ڪيو ويو، جنهن به اِهو شرم جوڳو ڪم ڪيو آهي انهن دشمنن ۾ ڪو فرق ناهي. هن چيو ته نوَ مئي جي شرپسندن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو فرق ناهي، شرپسندن کي قانون ۽ آئين پٽاندڙ سزا ضرور ملندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.