مملڪتي وزير پئٽرول بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روس مان سستو ڪچو تيل اچي رهيو آهي جنهن سان عوام کي فائدو ٿيندو. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مصدق مُلڪ جو چوڻ هوته پاڪستان وچ ايشيائي مُلڪن سان تجارتي لاڳاپا وڌائي رهيو آهي. هن چيوته پاڪستان روس ۽ وچ ايشيائي مُلڪن جو گيٽ وي آهي، وچ ايشيائي مُلڪن سان دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. مملڪتي وزير چيو ته روس مان سستو ڪچو تيل اچي رهيو آهي، اسان مٿان روس کان تيل خريدڻ تي ڪو به دٻاءُ ناهي. هن چيو ته آمريڪا جو چوڻ آهي ته روسي تيل خريداري تي اعتراض ناهي، سستو روسي تيل خريدڻ سان عوام کي فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته خليجي رياست کان ٻه پيٽرول جا جهاز خريدڻ لاءِ معاهدو ڪيو ويندو جڏهن ته ايران کان به گئس خريدڻ چاهيون ٿا پر پاڪستان تي پابندي نٿا چاهيون.