عمران کي فوج سان ڦڏو نه ڪرڻ گهرجي ها، نتيجا سامهون اچي رهيا آهن: تجزئي نگار
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تجزئي نگار سليم صافي چيو آهي ته فواد چوڌري جهڙي طرح پي ٽي آءِ ۾ آيو اهڙي طرح واپس وڃي رهيو آهي، ”جن ڌرين“ جي امانت هئي اهي واپس وٺي رهيا آهن. سينئر صحافي سهيل وڙائچ چيو ته مون کي ڏک آهي ته هڪ سياسي پارٽي سان ائين ٿي رهيو آهي،سياستدان جو حالتن جي نبض تي هٿ هئڻ گهرجي، فوج جهڙي اداري سان هن کي بڻائي رکڻي هئي. عمران خان بادشاهه وانگر هو،سپهه سالار سان ڪڏهن به ڦٽائڻو ناهي، هن باجوا سان ويڙهه ڪئي، موجوده آرمي چيف سان ڇڪتاڻ شروع ڪئي، هن ڊائريڪٽ فوج سان ويڙهه ڪئي. ان جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو، مليٽننٽ پارٽي جو اهڙو ئي حشر ٿيڻو هو. اينڪر شاهزيب خانزاده چيو ته پارٽي کي ڇڏڻ آسان ناهي، پارٽي لاءِ توهان وڌيڪ جهيڙا ڪيا هجن،فواد عمران خان کي هر حد تائين سپورٽ ڪيو، فواد چوڌري آزادي کانپوءِ ميڊيا تي نه اچي رهيو هو، ان ڪري. هن ٽوئيٽ ذريعي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، اها ڳالهه اهم آهي ته طلال چوڌري ، راڻاثناءُ الله، مفتاح اسماعيل، خواجا آصف، احسن اقبال کي ٽارگيٽ ڪيو ويو پر انهن پارٽي نه ڇڏي. پي ٽي آءِ سان ائين نه ٿيڻ گهرجي، عمران خان جو جهاد پهرين آمريڪا خلاف هو هاڻي فوج خلاف آهي، خان صاحب کي نظر اچي رهيو هو ته هو جيترو بيانيو بڻائي رهيو هو. آمريڪا، باجوا کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ، موجوده آرمي چيف کي نشانو بڻائڻ تي هن جو خيال هو ته مقبول ٿي رهيو آهي، ورڪر کانئس پڇاڻو نه ڪندا، هن کي گهرجي ها ته ٿورو صبر ڪري ها، گذريل ڏينهن ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا، بجيٽ کانپوءِ اسيمبليون ٽٽڻيون هيون، پر عمران خان بس نه ڪئي، هن اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود ماڻهن جا نالا وٺي کين ٽارگيٽ ڪيو، هن مس ڪلڪليوشن ڪئي. تجزئي نگار ارشاد ڀٽي چيو ته جيڪو ڪجهه تحريڪ انصاف سان ٿي رهيو آهي، عمران خان جهڙي طرف وڃي رهيو اهي ان سان ڏک ٿئي ٿو، عمران خان جي ڳالهه وقتي طور تي مڃجي ته به ذهن ۾ ٻيا کوڙ سارا سوال اٿن ٿا، هن چيو ته عمران خان کي سوچڻ گهرجي ته نيوٽرلز، ڊرٽي هيري، حيوان، مير جعفر، مير صادق جا لقب ڏيندو هو، حڪومت ۾ هٽڻ کانپوءِ هو ٻيهر مقبول ترين ٿيو. قومي اسيمبلي مان نڪرڻ ،صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ بلنڊر هو، فوج کي تنقيد کي غداري قرار ڏيڻ جو نتيجو سامهون اچي رهيو آهي، عمران خان ٽئين فورس طور سامهون آيو، هن اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙيو، هو ملڪ جي وڏي جماعت جو سربراهه هو. فواد چوڌري، شيرين مزاري کان پڇا ڪندو ته ڇا آرمي چيف غدار هوندو آهي؟ ڊي جي آءِ ايس آءِ غدار هوندو آهي؟ 9 مئي واقعن جي حوالي سان خطرناڪ ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن،13 مهينن جي بيانئي جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، قيادت جي سرد مهري آهي.اينڪرشهزاد اقبال چيو ته ان ۾ هاڻي ڪنهن شڪ جي ڳالهه ناهي ته پي ٽي آءِ وارن تي پارٽي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ آهي، شيرين مزاري کي ضمانت باوجود گرفتار ڪيو ويو، حڪومت پاران پيغام هو ته پارٽي ڇڏيندو ته توهان کي آزادي ملي ويندي. عمران خان جي ويجهن ساٿين جو ايترو جلدي پارٽي ڇڏڻ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي، اسد عمر جي امڪاني پريس ڪانفرنس جي به ڳالهه هلي رهي آهي،اهي اسٽيبلشمينٽ حامي ماڻهو هئا ۽ ان جي چوڻ تي ئي پارٽي ڇڏي رهيا آهن