عمران خان سان گڏ آهيان، پي ٽي آءِ نه ڇڏينديس: ياسمين راشد
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته هوءَ پي ٽي آءِ کي ناهي ڇڏي رهي. ڊاڪٽر ياسمين راشد کي اڄ ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن ميڊيا جي نمائندن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ياسمين راشد چيو ته مان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سان گڏ آهيان ۽ پارٽي نه ڇڏينديس. واضح رهي ته نوَ مئي تي تشدد وارن واقعن کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪيئي اڳواڻ پارٽي ڇڏي چڪا آهن.