My WordPress Blog

سُپريم ڪورٽ بار جي صدر پاران آڊيو ليڪس ڪميشن جو طلبي نوٽيس عدالت ۾ چئلينج

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عابد زبيري آڊيو ليڪس ڪميشن جي طلبي وارو نوٽيس اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.  پنهنجي آئيني درخواست ۾ سُپريم ڪورٽ بار جي صدر عدالت کان آڊيو ليڪس جي انڪوائري ڪميشن جي ڪارروائي ۽ حڪمن کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي.  عابد زبيري آئيني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته قرار ڏنو وڃي ته ڪنهن به شهري جي جاسوسي يا فون ٽيپنگ نٿي ڪري سگهجي .  واضح رهي ته آڊيو ليڪس ڪمين مبينا آڊيوز ليڪ سان جڙيل چئن شخصيتن عابد زبيري، خواجا طارق رحيم ايڊووڪيٽ، صحافي عبدالقيوم صديقي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب کي 27 هين مئي تي طلب ڪيو آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.