My WordPress Blog

جنرل (ر) فيض حميد خلاف چارج شيٽ جي تياري، ڪورٽ مارشل جو امڪان!

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ سول هجي، حاضر سروس يار ٽائر فوجي هجي ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ڪابه رعايت نه ٿيندي.  اڳوڻي آرمي چيف آصف نواز جنجوعا جي ڏوهٽي خديجه شاهه جي گرفتاري،  عمر ايوب جي گهر تي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپو ان جو ثبوت آهي. ان پس منظر ۾ اهي به امڪان وڌي ويا آهن ته جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل به ٿي سگهي ٿو.  ان جو ڪارڻ اهو  آهي  ته اسٽيبلشمينٽ ۾ جنرل (ر) فيض تي اڳ ئي خدشا موجود آهن. عمران خان رڳو بشريٰ بي بي جي ڪرپشن جي نشاندهي تي ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم منير کي نه هٽايو هو پر ان ۾ جنرل (ر)  فيض حميد جو به وڏو ڪردار هو جيڪو عمران خان کي جنرل عاصم منير خلاف ڀڙڪائيندو رهيو هو.  عمران خان کي اهو  به چيو هو ته جنرل عاصم منير بشريٰ بي بي جون فون ڪال رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي. صحافي ارشد شريف جي قتل ۾ به جنرل (ر) فيض تي آڱريون کڄي رهيون هيون.  نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته جنرل  عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرريءَ  خلاف به جنرل (ر)  فيض اداري ۾ هوندي به ڊسيپيلين کي پٺتي رکندي لابنگ ڪئي هئي ۽ عمران خان کي به ان ڪم سان لڳايو هو.  هاڻي فيصل واوڊا به واضح طور چيو آهي ته ملڪ رياض کي برطانيا کان آيل 190 بلين پائونڊ واپس ڪرڻ ۾ عمران خان کان به وڏو حصو جنرل (ر) فيض حميد جو هو ۽ ڊيل جو مکيه ڪردار هو. چوڻ جو مقصد آهي ته جنرل (ر) فيض حميد خلاف چارج شيٽ تيار ٿي رهي آهي ۽ شهادتون اچي رهيون آهن. هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن به شعبي ۾ جنرل (ر) فيض حميد خلاف همدردي موجود نه آهي. ڇو ته موجوده آءِ ايس آءِ جي ڊي جي سي جنرل فيض  نصير جي مقرريءَ  جي به جنرل (ر)  فيض حميد سخت مخالفت ڪئي هئي. اها به عالم آشڪار ڳالهه آهي ته عمران خان جي جلسن ۽ لانگ مارچن جو سهولت ڪار به جنرل (ر)  فيض حميد هو.  جڏهن اسد عمر، خدديجه شاهه ۽ عمر ايوب لاءِ نرم گوشو نه آهي ته ان جو مطلب آهي ته  جنرل (ر)  فيض حميد جو به ڪورٽ مارشل کان بچڻ مشڪل آهي.  اهو به امڪان آهي ته ڪي ٻيا رٽائرڊ آفيسر به قانوني ڪارروائي جي وڪڙ ۾ اچي وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.