My WordPress Blog

بحريا ٽائون جو اي او بي آءِ ۾ تاريخ جو وڏو اسڪينڊل، اربين رپين جو غبن

0

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي بحريا ٽائون جي حوالي سان ته خبرون هلن ٿيون پر پرنٽ،اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ملڪ رياض جي مشهوري بحريا ٽائون جي حوالي سان ميڊيا ۾ خبر نٿي هلي، وڏا وڏا ماڻهو ملڪ رياض آڏو گوڏا کوڙيندي نظراچن ٿا هو پاڻ به چوي ٿو ته  وڏا آفيسر، رٽائرڊ فوجي عملدار کيس چانهه پيش ڪندا آهن. عظمت خان پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته خبر آهي ته اي او بي آءِ ۾ رڳو هڪ مهيني جو  850 ملين جو هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون آيو آهي ان کي 3 سالن سان ضرب ڪجي ته ڪلڪيوليٽر ۾ ئي انگ اکر نه ايندا، 8 ڪروڙ 50 لک بحريا ٽائون اي او بي آءِ کي ان جي آفيسرن سان ملي نقصان پهچايو آهي. اڳوڻي چيئرمين اظهر حميد کوکر ماتحت آفيسرن سان گڏجي اي او بي آءِ ۾ اهو اسڪينڊل ڪيو آهي، جيڪو وڏي وقت کانپوءِ ظاهر ٿيو آهي، نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سعيد احمد اي او بي آءِ جي چيئرپرسن کي خط لکي لاڳاپيل رڪارڊ گهريو آهي. اهو خط 10 مئي تي لکي چيو ويو ته توهان بحريا ٽائون ۾ اي او بي آءِ جا جيڪي رجسٽرڊ ملازم آهن انهن جو انگ ٻڌايو، بحريا ٽائون سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس ۾ بيان ڏنو آهي ته ان وٽ 35 هزار ملازم آهن، بحريا ٽائون انهن ملازمن جو انگ هڪ ڏوهه لڪائڻ لاءِ پيش ڪيو. ٻئي پاسي اهي انگ اکر هاڻي انهن لاءِ ڏچو بڻجي ويا آهن، نيب 22 مئي تائين جواب طلب ڪيو آهي، 35 هزار ملازم هجن، 1500 رپيا في ملازم ڪنٽري بيوشن بڻجي ٿي،مهيني جا  5 ڪروڙ 25 لک ٿين ٿا، 3 سالن ۾ اها رقم بحريا ٽائون اها رقم ادا نه ڪئي آهي. اي او بي آءِ جي آفيسرن بحريا ٽائون انتظاميا سان ڳٺ جوڙ ڪري اهي انگ اکر 850 ملين مان 15 ملين ڪري ڇڏيا. نيب جي آفيسر اي او بي آءِ جي چيئرپرسن ناهيد شاهه دراني کي چيو آهي ته توهان بحريا ٽائون ملازمن جي 2020ع کان وٺي هيل تائين اصل انگ ٻڌايو،  انهن جا ڪنٽري بيوشن ڪيترو جمع ڪرايو ويو آهي؟.نيب اي او بي آءِ جي آفيسرن کي گرفتار ڪري سگهي ٿي، ڊمانڊ نوٽيسز به پيش ڪيا وڃن، ڊمانڊ نوٽيسز گهٽائڻ جي حوالي سان به سوال ڪيو ويو آهي. بحريا ٽائون پنهنجي ويب سائيٽ تي 20 هزار ملازم ڄاڻايا آهن، بحريا ٽائون جي ٺيڪيدارن جي ملازمن جو انگ به نيب کي ٻڌائڻو پوندو، بحريا ٽائون 2021ع ۾ پنهنجا اثاثا 3.4 ارب ڊالر ڄاڻايا هئا.. بحريا ٽائون ڪراچي ۾ ڪريم آباد ريجن ۾ رجسٽرڊ آهي، لاهور ۾ ريجنل آفيس سائوٿ، راولپنڊي ۾ ريجنل آفيس ۾ رجسٽرڊ آهي، اهو ادارو 1997ع ۾ وجود ۾ آيو، اي او بي آءِ ۾ 2000ع ۾ رجسٽرڊ ٿيو، 970 ملازم اي او بي آءِ ۾ رجسٽرڊ آهن. اهو الميو آهي ته ميڊيا، حڪومت پورهيتن تي ڪا نظر نه وجهي، اي او بي آءِ ۾ بحريا ٽائون 23 سيپٽمبر 2020ع تي آخري ادائيگي 25 لک 799رپيا ڪئي، اڍائي سالن ۾ بحريا ٽائون اي او بي آءِ ۾ ڪا به ادائيگي ناهي ڪئي، اهي اربين رپيا ٺهن ٿا. هن چيو ته اي او بي آءِ جي آفيسرن پنهنجي ٻارن کي حرام کارايو آهي، اي او بي آءِ جي تاريخ ۾ وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. اي او بي آءِ جو اڳوڻو ڊائريڪٽر لا چوڌري عبدالطليف هن وقت بحريا ٽائون جو وڪيل بڻيل آهي، هن 2017 ع ۾ اي او بي آءِ ۾ بحريا ٽائون پاران اپيل داخل ڪئي هئي، ان وقت اپيليٽ اٿارٽي جو رجسٽرار چوڌري قدير هو، درخواست ڏيندڙ به چوڌري، ٻڌندڙ به چوڌري هو، اتي ٻنهي چوڌرين گڏجي اسڪينڊل ڪيو، ڇوڌري قدير بحريا ٽائون ڏنڊ ۽ ڪنٽري بيوشن کان بچائڻ لاءِ ڪميشن بڻائي ڇڏي. ان وقت جي چيئرمين جي ويجهو رهندڙ نعيم شوڪت قائمخاني ڪميشن قائم ڪئي،انهن سان ريجنل هيڊ ڪريم آباد مبشر رسول ،پورٽ قاسم جي ريجنل هيڊ نويد قائمخاني ساٿ ڏنو، بحريا ٽائون جي سهولتڪاري جو اصل ڪردار ڪريم آباد ۾ ڊپٽي ريجنل هيڊ مزمل ڪامل ڪيو. ڪميشن بحريا ٽائون جي اڪائونٽس ۽  رڪارڊ جو معائنو ڪيو ۽ انهن بحريا ٽائون جي  حقيقتن کي لڪايو، انهن 850 ملين جي رقم کي 15 ملين رپين تائين آندو، انهن آفيسرن ان جي بدلي من پسند مقرريون بدليون، گاڏيون، رقم ۽ مستقبل جون خاطريون حاصل ڪيون ۽ ڪميشن هڪ فرضي رپورٽ بڻائي ڇڏي، ڪيس کي دفن ڪيو ويو. ان ڪيس ۾ هڪ موڙ ان وقت آيو جڏهن بحريا ٽائون جي حق گو آفيسر سمند پار پاڪستانين واري وزارت ۽ نيب کي خط لکي ان اسڪينڊل جي جاچ جو مطالبو ڪيو. چيئرپرسن ابريز فيصل شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر کان رپورٽ طلب ڪئي، ابريز فيصل شيخ پنهنجي بيچ جي آفيسرن کي بچائڻ لاءِ چيئرپرسن جي خط کي سردخاني حوالي ڪيو. ان اسڪينڊل ۾ اي او بي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين اظهر حميد کوکر، ڊي جي آپريشن نارٿ لاهور محمد اعجاز الحق، ڊائريڪٽر نعيم شوڪت قائمخاني، اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن مان غيرقانوني ڊيپوٽيشن تي اي او بي آءِ ۾ ضم ٿيندڙ ڊائريڪٽر جنرل آپريشن ڊاڪٽر جاويد احمد شيخ، ريجنل هيڊ مبشر رسول،نويد فياض قائمخاني ۽ ٻيا ملوث آهن. نيب شفاف جاچ ڪيئ ته اي او بي آءِ جا ڪيترائي آفيسر ڪاٺ ۾ هوندا جن هزارين پورهيتن جو پئسو لٽيو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.