اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ عائشه گلالئي ( ق ) ليگ ۾ شامل
پي ٽي آءِ اڳوڻي اڳواڻ عائشه گلالئي ( ق ) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. عائشه گلالئي ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت ۽ چوڌري سرور سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسلام جو قلعو آهي ۽ ان قلعي جي محافظ فوج آهي، پاڪستان جو هر هڪ شهري پاڪ فوج جو سپاهي آهي. ياد رهي ته عائشه گلالئي ٻه هزار سترنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کان ڌار ٿي وئي هئي ۽ هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مٿان الزام مڙهيا هئا، هن پي ٽي آءِ گلالئي نالي سان هڪ سياسي جماعت پڻ ٺاهي هئي.