My WordPress Blog

پي ٽي آءِ غير نظرياتي ” ممي ڊيڊي“ پارٽي ثابت، ڀڃ ڊاهه تيز

0

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) تحريڪ  انصاف هڪ غير نظرياتي ” ممي ڊيڊي“ پارٽي ثابت ٿي چڪي آهي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ سان اهي پارٽيون ٽڪر کائي زندهه رهنديون آهن، جن جو ڪو نه ڪو منشور، آئين ۽ نظريو هوندو  آهي، ڪارڪن نظم ۽ ضبط جا پابند هوندا آهن، پيپلز پارٽيءَ ضيا جي آمريت جو مقابلو ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪ به هلي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر به کاڌو ڪارڪنن ڪوڙا کاڌا ورهين جا ورهيه جيلن ۾ سڙندا رهيا. ان دوران ڪيترائي  اڳواڻ پارٽي ڇڏي به ويا پر پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ جيان ڪک پن نه ٿي، مسلم ليگ (ن) آمر مشرف جو دور ڀوڳيو جيلن ۾ سالن جا سال اڳواڻ سڙندا رهيا سخت  حالتن کي منهن ڏنو ان دوران ڪيترائي اڳواڻ پارٽي به ڇڏي ويا، پر جنهن تيزيءَ سان پي ٽي آءِ  ڇڙ وڇڙ ٿي رهي آهي. ان رفتار سان ڪابه پارٽي  ڀڃ ڊاهه جو شڪار نه ٿي جنهن رفتار سان پي ٽي آءِ ڪک پن ٿي آهي. ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ وڏو انگ ان طبقي جو شامل هو جيڪو محلاتن  ۾ رهڻ وارو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ گهمڻ وارو هو احتجاجي مظاهرن ۾ ڍولڪ جي ٿاڦ تي ناچ گاني وارن جو وڏو انگ شامل هوندو هو. ان طبقي جا ماڻهو بنا ايئر ڪنڊيشنڊ جي لاڪ اپ  ۾ هڪ ڪلاڪ به رهي نه سگهندا آهن. جنهن پارٽي ۾ هيٺين طبقي جا ماڻهون شامل هوندا آهن، انهن جي پارٽي ۽ نظرئي سان دلي ۽ ذهني وفاداري هوندي آهي. اهي جيل به ڪاٽيندا آهن، ڪوڙا به کائيندا آهن پر پارٽيءَ سان بي وفائي نه ڪندا آهن، آمر ضياءَ سان ٽڪر کائيندڙ پيپلز پارٽي ۽ آمر مشرف جون سختيون سهندڙ (ن) ليگ اڄ به موجود آهي. عمران خان حادثاتي  سياستدان هو، جن پ پ ۽ (ن) ليگ جي دشمنيءَ ۾ ” عمران پراجيڪٽ “ جي نالي سياست ۾ روشناس ڪرايو هو. انهن جا جانشين ئي شآيد ان غلطيءَ  جي درستي ڪري رهيا آهن ۽ سياسي حالتون هڪ ڀيرو ٻيهر 2011ع واري پوزيشن تي واپس وينديون نظر اچي رهيون آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.