My WordPress Blog

فوجي ملڪيتن تي حملا ۽ مجسمن جي بي حرمتي، ڪي پي ۾ 16 ڄڻن تي ڪيس فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلندا

0

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ فوجي ملڪيتن تي حملن ۽ قومي هيروز جي مجسمن جي بي حرمتي ۾ ملوث 16 ڄڻن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا. اختيارين موجب مردان ۾ 6 ڄڻن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلندا، انهن ۾ شاهه زيب، رحمت الله، عدنان، شاڪر الله، سيد عالم ۽ ياسر نواز شامل آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته مردان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. پوليس جوابدارن کي مردان جي مختلف علائقن مان گرفتار ڪيو هو. سرڪاري اختيارين موجب مالاڪنڊ، دير ۽ بنون مان گرفتار 10 جوابدارن تي به فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلندا، مالا ڪنڊ مان 4، دير مان 3 ۽ بنون مان 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا هئا. سرڪاري اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي فوجي ۽ ٻين ملڪيتن تي حملن جو الزام آهي ۽ هيل تائين 16 ڄڻن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جي منظوري ملي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.