My WordPress Blog

عسڪري ملڪيتن تي حملو عمران خان جو آخري حربو هو: خواجا آصف

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان جو هر حربو ناڪام ٿيو، عسڪري ملڪيتن تي حملو عمران خان جو آخري حربو هو، 9 مئي واقعا اوچتو نه پلاننگ تحت ٿيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، عمران خان جا جيڪي ڪِريل عزم هئا، ڪنهن ڀارتي جا ٿي سگهن ٿا پاڪستاني جا نه، جائزو ورتو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، پي ٽي آءِ رياست کي چئلينج ڪيو آهي، ڪهڙو ڏوهه آهي جيڪو 9 مئي تي نه ٿيو؟سندس موجب عمران خان چئي ٿو ته کيس 9 مئي جي واقعن جو علم ناهي، ائين به چئي ٿو ٻيهر گرفتار ٿيس ته وري ري ايڪشن ايندو، عمران خان ايترو معصوم بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري، هو اڪيلو رهجي هارائي ويو آهي، هاڻ بهانا ڪري ڳالهين چاهي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.