My WordPress Blog

روس مان ڪيترا ٽن تيل پاڪستان ايندو ۽ ڪڏهن پهچندو؟ اهم خبر

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روس کان ٻن ٽن ڏينهن ۾ جهاز ڪچو تيل کڻي عمان پهچندو، جتان ننڍن جهازن ذريعي تيل پاڪستان آندو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان نئين گرين فيلڊ آئل ريفائننگ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان نئين پاليسي سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، ملڪ ۾ روز جي بنياد تي 4 لک بيرل آئل جي جديد ترين ريفائنري لڳائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي لاءِ انرجي سيڪيورٽي ضروري آهي، سيڙپڪارن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏينداسين، نيون ريفائنريون خاص اقتصادي زون ۾ لڳنديون، آئل ريفائننگ ۾ سيڙپڪارن کي فارن انويسٽمينٽ ايڪٽ تحت تحفظ فراهم ڪنداسين، ان کانسواءِ ايل پي جي ايئرمڪس جي پاليسي آڻي رهيا آهيون، جتي گئس ناهي، اتي نجي شعبي ذريعي ايل پي جي فراهم ٿي سگهندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي پيٽرول ۽ ڊيزل جي سالياني ضرورت 20 کان 21 ملين ٽن آهي، ملڪي تيل جي ضرورتن جو تقريبن 50 سيڪڙو مقامي ريفائنريون فراهم ڪنديون آهن، ملڪ ۾ فرنس آئل جي کپت ختم ٿي رهي آهي، 2023 تائين ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي سالياني کپت 33 ملين ٽن تائين پهچي ويندي. مصدق ملڪ ٻڌايو ته روس کان ڪچي تيل جو جهاز 27، 28 مئي تي عمان پهچي رهيو آهي، عمان مان اهو ڪچو تيل ننڍن جهازن ذريعي پاڪستان پهچندو، جهاز ذريعي هڪ لک ٽن تيل آندو پيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.