My WordPress Blog

جناح هائوس حملو ڪيس، عدالت خديجه شاهه کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) جناح هائوس حملي ڪيس ۾ گرفتار خديجه شاهه کي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو. اڳوڻي آرمي چيف جي ڏوهٽي خديجه شاهه کي قيدين واري وين ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ انتظار بعد عدالت جي روبرو پيش ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبهر گل پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. خديجه شاهه کي مُنهن ڍڪي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس کيس سڃاڻپ پريڊ لاءِ موڪلڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کي منظور ڪندي عدالت خديجه شاهه کي 7 ڏينهن لاءِ سڃاڻپ پريڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ سڃاڻپ پريڊ مڪمل ڪري خديجه شاهه کي ٻيهر 30 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت خديجه شاهه کي عدالتي ڪمري ۾ مڙس سان ملاقات جي اجازت به ڏني. واضح رهي ته لاهور جي جناح هائوس تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾گ هربل ناليواري فيش ڊزائينر خديجه شاهه کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.