ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي کي ڪراچي ۾ پرڏيهي نظر نٿا اچن: رياض چانڊيو
ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ)ميرپورخاص/ٽنڊوالهيار (نمائندا)چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو جو 28 مَئي تي بوگس آدم شماري خلاف اعلانيل هڙتال جي سلسلي ۾ ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص جو دورو،واپارين، صحافين، وڪيلن ڪاروباري ماڻهن، تنظيمي عهديدار ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون، 28 مَئي هَڙتال جا هينڊبِل تاجر ۽ ڪاروباري ماڻهن ۾ ورهايا ويا. ان موقعي تي چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو شهرين، صحافين، وڪيلن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو ته جماعتِ اسلامي اسلام ۽ انسانيت جي دشمن جماعت آهي. دهشتگرد ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ۽ جماعتِ اسلامي ڪراچيءَ ۾ غير ملڪي افغانين ۽ پٺاڻن کي قبول ڪن ٿا ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن خلاف سازشون ڪري انهن کي پنهنجي زمين تان بيدخل ڪرڻ جي سازشن ۾ رڌل رهن ٿا. هن چيو ته انتهاپسند مُلن ۽ دهشتگرد ايم ڪيو ايم کي 50 لک افغاني، بهاري ۽ بنگالي غير ملڪي نظر نٿا اچن پر هو سنڌين کي پنهنجي ئي گادي جي شهر ۾ لاوارث بڻائڻ ٿا گهرن جنهن جي مذمت ٿا ڪيون. هن جو چوڻ هو ته ڪراچي غير ملڪين لاءِ جنت ۽ سنڌين لاءِ دوزخ بڻائي پئي وَڃي. پيپلز پارٽي هٿرادو ۽ ڪوڙي آدم ڳڻپ جي ذريعي سنڌين کي پنهنجي ئي سرزمين تي ٽئين درجي جو شهري بڻائي رهي آهي. هوڏانهن رياض چانڊيو چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي آهي، ٽنڊي الهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي ذخيرن گئس، بجلي، تيل ۽ ٻين ذخيرن تي پنجاب قابض ٿيو ويٺو آهي. هن چيو ته ڪرپٽ سياستدان ملڪ کي اڏوهي وانگي کائي ويا آهن جن کي صرف پنهنجي اقتدار جي پرواه آهي عوام لاء ڪير به نٿو سوچي. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ جنگ اقتدار جي جنگ آهي عام غريب ماڻهو لاء جنگ نه پئي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 20 ڏينهن کان مٿي عرصو گذري ويو آهي معصوم نينگر نريش ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿي سگهي آهي جيڪڏهن نريش ڀيل جا قاتل جلد از جلد گرفتار نه ڪيا ويا ته ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.