اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسد عمر طرفان وڪيل بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏني. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي پرتشدد احتجاج جو حصو نه بڻجڻ جو حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته حلفي بيان جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسد عمر سياسي ڪيريئر وساري ڇڏي. گڏوگڏ عدالت اسد عمر جا ٽوئيٽ به ڊليٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.