اتر وزيرستان ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ ٻن فوجي جوانن سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دتا خيل ۾ آپگهاتي حملي آور بارود سان ڀريل گاڏي سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نائيڪ سعيد الله شاهه ۽ سپاهي جواد خان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ پوليس ڪانسٽيبل حڪيم جان ۽ هڪ شهري به شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي حملي آور وڏي عوامي ميڙ کي نشانو بڻائڻ چاهيو، سيڪيورٽي فورسز فوري طور جوابي ڪارروائي سان وڏي سانحي کي روڪي ورتو.