مئي25 تي موڪل هوندي يا نه؟ حڪومت واضح ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب 25 مئي تي عام موڪل جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته 25 مئي تي شهيدن جي ياد ۾ ملهائي ويندڙ ڏهاري تي عام موڪل نه هوندي. هن وضاحت ڪئي ته سوشل ميڊيا تي 25 مئي تي موڪل جو گردش هيٺ نوٽيفڪيشن جعلي آهي. واضح رهي ته پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو اهي، جنهن تحت 25 مئي تي ”يوم تڪريم شهداءِ پاڪستان“ ملهايو ويندو.