ڪوڙي آدم شماري بنياد تي وسيلن ۽ سياسي نمائندگي تي ڌاڙي جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي: ايازلطيف
بدين( ويب ڊيسڪ ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو بدين ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو آهي ته 22 مئي تي ڪراچي ۾ دهشتگردن وحشياڻو حملو ڪري بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو،پاڪستان تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن دهشتگردي، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جو خاتمو ٿيندو.پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهچايو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جو بدين ۾ جلسي کي خطابهن چيو ته ڪوڙي آدمشماري جي بنياد تي وسيلن ۽ سياسي نمائندگي تي ڌاڙي جو منصوبو آهي،ڪجهه حلقا سنڌ ۾ غير قانوني ڌارين کي مستقل آباد ڪرڻ چاهين ٿا ،لاهور ۽ پنڊي ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو، ٻين صوبن کي غلط پيغام مليو آهي،سنڌ جا لکين ماڻهو ڊجيٽل مردم شماري خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن،غزاله بتول ۽ محبت سنڌ ريلي جا شهيد جمهوري جدوجهد جا چمڪندڙ ستارا آهن. سنڌ حڪومت اقتداري مفادن خاطر 18هين ترميم تان دستبردار ٿي چڪي آهي،ڪراچي جي مذهبي جماعتون اقتدار جي مفادن لاءِ لسانيات جو لبادو نه اوڍين. هن چيو ته سنڌ جي مستقل رهواسين جون خوشيون، ڏک ۽ درد گڏيل آهن،روهنگيا معاهدي کي رد ڪيون ٿا، سندن سنڌ ۾ آبادي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. سندس چوڻ هو ته ايران ۽ چين سان معاهدن جي آجيان ڪن ٿا،پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي،مسئلن جو حل ٽڪراء نه، منصفاڻو، روادار ۽ جمهوري وفاق آهي. هن وڌيڪ چيو ته بدين مان پيٽرول نڪري ٿو ۽ بدين سنڌ جو غريب ترين علائقو آهي. بدين، سجاول، ٿر، دادو، سانگهڙ، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ کي صنعتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته چونڊون، معاشي بحران ۽ 63 اي تي غور لاءِ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي،سنڌ ۾ بدامني، اغوا ۽ ڦرلٽ جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي آهي، سردارن ۽ وڏڙن ڇوڪرين جي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن،سنڌ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته پندرهن سالن کان گورننس ۽ عوامي سهولتن جو سخت بحران آهي، مخصوص ايجنڊا واري ڊجيٽل مردم شماري کي رد ڪيون ٿا. سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻجي رهيو آهي. هيٺيون ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو پٿر جي دور ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. افغانستان ۾ اٽي، ڊالر ۽ ڀاڻ جي غير قانوني منتقلي بند ڪئي وڃي. پاڪستان کي بحران مان نڪرڻ لاءِ قابل قومي حڪومت جي ضرورت آهي.