ڪاروبار تي ڌيان ڏيو، اسٽيبلشمينٽ جي عقيل ڊيڊي کي ڇڙٻ
اسلا م آباد ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ پاڻمرادو ٽياڪڙي ڪندڙ وڏي ڪاروباري شخص کي اسٽيبلشمينٽ سخت تينبيوڪري واپس موٽائي ڇڏيو. نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آھي ته عمران خان سان ملاقات بعد عقيل ڪريم ڊيڊي جڏھن اسٽيبلشمينٽ پھتو ته آفيسرن کانئس سخت پڇاڻو ڪيو ۽ پڇيو ته اوھان کي ٽياڪڙي جو اختيار ڪنھن ڏنو آھي. واپاري جڏھن ماضيءَ جي اسٽيبلشمينٽ سان پنھنجن لاڳاپن جا حوالا ڏنا ته کيس ڇڙٻ ڏئي اھڙي ڪم کان پاسو ڪري پنھنجي ڪاروبار تي ڌيان ڏيڻ جو مشروڳرو ڏنو ويو جنھن کانپوءِ عقيل ڪريم ڊيڊي ميڊيا تي بيان ڏنو ته ھو ڪنھن جو به پيغام کڻي عمران خان وٽ نه ويو ھو.