My WordPress Blog

والاريل ڪشمير: جي 20 اجلاس خلاف مڪمل شٽر ڊائون هڙتال

0

ڪشمير(ويب ڊيسڪ)  والاريل ڪشمير ۾ عوام طرفان جي 20 اجلاس جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي وادي ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال آهي. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس طرفان ڏنل ڪال تي ڪشمير ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي پئي وڃي. مودي سرڪاري طرفان والاريل ڪشمير ۾ غير انساني پابنديون مڙهيون ويون آهن، سري نگر ۾ ڀارتي فوج، پيرا ملٽري فورسز، ايليٽ نيشنل گارڊز ۽ ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن. سرينگر جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي فوج طرفان دڪاندارن کي گھرائي دڪان کولڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڀارتي فوج ۽ پوليس طرفان عمل نه ڪرڻ تي سخت نتيجن جو ڌمڪيون به ڏنيو پيون وڃن. واپارين جي 20 اجلاس جي خلاف مڪمل شٽر ڊائون ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.