مان رڳو پاڪستان جو نه پر آزاد ۽ والاريل ڪشمير جو به پرڏيهي وزير آهيان: بلاول ڀٽو زرداري
مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان رڳو پاڪستان جو نه پر آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير جو به پرڏيهي وزير آهيان. آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاسي مودي ڪشمير ۾ هڪ ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جو عوام ۽ پاڪستان جا نمائندا پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۽ صوبن مان سياسي جماعتن جي اڳواڻن اڄ هتي ڪشمير جي عوام سان گڏ بيهي مودي جي جي – 20 ڪانفرنس جو منن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ مان هتي پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير جي حيثيت سان موجود آهيان، مان رڳو پ پ جي نه پر سڄي ملڪ، هر شهري، هر جماعت جي نمائندگي ڪيان ٿو، ٻين ملڪن جي صدرن، وزيراعظمن، پرڏيهي وزيرن سان ملندو آهيان ته پاڪستان کان ڪشمير جي ڳالهه ڪندو آهيان، ڇو ته مان پاڪستان سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير جو به پرڏيهي وزير آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميري عوام سان اسان جو نسلن جو واسطو آهي، قائد عوام ڪشمير جي جنگ وڙهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا اسان چُپ ٿي وينداسين ته اها سندن ڀُل آهي. پ پ چيئرمين موجب گڏيل قومن ۾ سڄي دنيا کي ياد ڏياريندو آهيان ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت جو نه پر سڀ کان اڳ ڪشمير جي عوام ۽ سڄي دنيا لاءِ مسئلو آهي، ڇو ته ان ئي گڏيل قومن جي ٺهرائن سبب سڄي دنيا مڃي چڪي آهي ته ڪشمير مسئلو عالمي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته راءِ شماري ڪرائي وڃي، ڪشميرين کي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏنو وڃي، اسان دهشتگردن جي نه شهيدن جي نمائندگي ڪندا اهيون، مودي سرڪار مسلمانن کي دهشتگرد سمجهي ٿي ته اهو انهن جو مسئلو آهي.