My WordPress Blog

مئي 9 تي آرمي چيف خلاف بغاوت جنرل ساحر شمشاد ناڪام بڻائي ڇڏي

0

لاهور( ويب ڊيسڪ) ملڪ جي فوج 8 مئي تائين ٻي ۽ 9 مئي کانپوءِ فوج اصل قوت سان ٻي شڪل ۾ سامهون آئي آهي. نامياري  تجزئي نگار عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 9 مئي جا واقعا هڪ وڏي بغاوت جو حصو هئا، لاهور جي اڳوڻي ڪورڪمانڊر سلمان غني چٺا اڪيلو نه هو،سندس ئي سطح يا گريڊ جا 3 ٻيا جنرل به ساڻس سازش ۾ شامل هئا. جيئن 1999ع ۾ اڳوڻو آمر پرويز مشرف پرڏيهه ويل هو۽ واپسيءَ تي هن جو جهاز ملڪ جي هوائي اڏي تي لهڻ پئي ڏنو ويو، شايد ساڳي طرح جو منصوبو هو ڇو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير 9 مئي تي قطر ويل هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڀيانڪ منصوبي کي جنرل ساحر شمشاد مرزا وڏي مهارت سان ناڪام بڻايو۽ پي ٽي آءِ جي ڀيانڪ منصوبي  پروپيگنڊا تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ڇو ته ان کان اڳ آمريڪا ۾ ويٺل صحافي شاهين صهبائي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا برگيڊ ذريعي پروپيگنڊا ڪري رهيو هو ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميتي جنرل ساحر شمشاد مرزا اصل ۾ آرمي چيف سان هڪ صفحي تي نه آهي. شايد ان خوش فهمي جي بنياد تي ئي عمران خان ۽ ان جي سهولتڪارن جنرل عاصم منير جي پرڏيهه هجڻ دوران ڪرسيءَ تي قبضي جي منصوبي تي عمل ڪري ڇڏيو پر جنرل ساحر شمشاد مرزا کين اهرو منهن ڀر ڪيرايو جو سندن هوش ٺڪاڻي اچي ويا آهن. هاڻي آرمي چيف جي اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي رهي آهي ته جيڪا هو مسلسل ورجائي رهيو آهي ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪاروترين ڏينهن آهي، منصوبو جوڙيندڙن ۽ سهولتڪارن کي به بخش نه ڪيو ويندو. ان ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته 9 مئي جي ناڪام سازش فوج کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو منظم ۽ متحد ڪري ڇڏيو آهي جو فوج جا 8 مئي ۽ 9 مئي جا ٻه روپ واضح نظر اچي رهيا آهن. عمران خان کي بچائڻ لاءِ آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ توڙي ميڊيا کلي ميدان تي اچي چڪا آهن پر عمران خان جو سنگين ڏوهه ۾ بچڻ ناممڪن نه تڏهن به تمام گهڻو مشڪل نظر اچي رهيو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.