My WordPress Blog

فياض الحسن چوهاڻ به پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته 9 مئي جي واقعن تي ملڪ جو عوام ڏکارو آهي، مان به ڏکارو آهيان، پاڪستان جي خدمت ڪندو رهندس. هن چيو مان ميسيج ۾ عمران خان کي هڪ ڳالهه سمجهائي هئي ته رياست سان ٽڪراءَ جي پاليسي ڇڏي ڏيو، اسان موجوده حڪمرانن خلاف تحريڪ هلايون، رياست ۽ ادارن سان ٽڪراءُ سياستدانن جو ڪم ناهي هوندو. سندس موجب مون کانسواءِ عمران خان کي ڪنهن نه ٻڌايو ته سياست ۾ تشدد ناهي ٿيندو، ان ڪري ئي مان پارٽي ۾ پاسي تي هيس، زمان پارڪ ۾ داخلا بند هئي، سمورا ليڊر شاهدي ڏيندا ته مان عمران خان کي سمجهايو هو. فياض الحسن چوهاڻ چيو مان آزادي کانپوءِ خاندان کان پڇيو ته ڇا عمران خان منهنجي لاءِ ٽوئيٽ ڪيو؟ ٻڌايو ويو نه، عمران خان کي سڀ ياد رهيا، جنهن جو گهر تباهه ٿي ويو اهو فياض الحسن ياد نه رهيو. هن چيو ته ترجمانن کي چيو ويندو هو فوج مخالف بيانيو تيار ڪيو وڃي، پهرين مئي تي ريلي پريڪٽس طور تي رکي وئي ته فوجي آفيسن ڏانهن رُخ ڪيو، 6 مئي تي عمران خان جي حڪم تي ڪچهري چوڪ تي ريلي رکي وئي، واثق قيوم، عمر تنوير کانسواءِ اڳواڻن کي رضامند ڪيو ته مريڙ پل ڪراس ناهي ڪرڻي، واثق قيوم کي ڊائريڪٽ ميسيج آيو ته جي پي او چوڪ پهتو. سندس چوڻ هو ته 14 مئي تي زوم ميٽنگ ۾ ٻاهرين ايجنڊا کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 70 آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو لابي ڪرڻ جو پتو ٿيو ته ڌچڪو لڳو، فوج ۽ پاڪستان سان محبت اڄ نه پر شروع کان هئي ۽ آهي. فياض الحسن چوهاڻ واضح چيو ته مان سياست نه رڳو پي ٽي آءِ ڇڏي رهيو آهيان، صوبي، شهر ۽ پاڪستان جي خدمت جاري رکندس.

Leave A Reply

Your email address will not be published.