شيرين مزاري جو پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شيرين مزاري پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شيرين مزاري پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته هاڻ منهنجا ٻار، ماءُ ۽ منهنجي صحت ترجيح آهي، اڄ کان مان پي ٽي آءِ يا ڪنهن به سياسي جماعت جو حصو ناهيان، گذريل 10، 12 ڏينهن دوران منهنجي صحت خراب ٿي وئي هئي. هن چيو ته رياستي ادارن کي نشانو بڻائڻ جي سڀني کي مذمت ڪرڻ گهرجي، مان به 9 ۽ 10 مئي تي ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪيان ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ان حوالي سان حلفي بيان به ڏنو آهي، هر قسم جي تشدد جي سدائين مذمت ڪئي آهي، جي ايڇ ڪيو، پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ جهڙي رياستي علامتن تي تشدد جي مذمت ڪيان ٿي. سندس چوڻ هو ته اغوا ۽ آزادي دوران منهنجي صحت تي اثر پيو، منهنجي ڌيءَ ايمان کي آزمائش مان گذرڻو پيو، مون کي ٽي ڀيرا جيل وٺي ويا ته ڌيءَ روئي رهي هئي، ان جي وڊيو ڏٺي، مان سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شيرين مزاري چيو مڙس جيئرو هو ته ٻارن جو خيال رکندو هو، هاڻ ٻار ۽ ماءُ منهنجي ترجيح آهن، هاڻ ٻارن، ماءُ ۽ پنهنجي صحت تي ڌيان ڏينديس.