خميس تي اسڪول بند رکڻ جو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شهيدن جي ياد ۾ ملهائي ويندڙ ڏهاڙي جي موقعي تي آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن جي صدر ڪاشف مرزا موجب بورڊ امتحان شيڊيول موجب ٿيندا، پرائيويٽ اسڪولن ۾ ريگيولر ڪلاسون 26 مئي تي شيڊيول موجب جاري رهنديون. هن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ گرمين جون موڪلون 15 جون کان 14 آگسٽ تائين هونديون، گرمين جي موڪلن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پرائيويٽ اسڪول 15 آگسٽ تي کلندا، سنڌ ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون کاءِ 31 جولاءِ تائين هونديون. واضح رهي ته پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو اهي، جنهن تحت 25 مئي تي ”يوم تڪريم شهداءِ پاڪستان“ ملهايو ويندو.