جليل شرقپوري به پي ٽي آءِ کي الوداع چئي ڇڏيو
شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جليل شرقپوري به پارٽي کي الوداع چئي ڇڏيو. هڪ وڊيو بيان ۾ جليل شرقپوري چيو ته مان پاڪ فوج سان گڏ آهيان، پي ٽي آءِ جي پاليسين سبب ان جو حصو نٿو رهي سگهان، پي ٽي آءِ جي پنهنجي نالائقي هئي جو دوستن کي مطمئن نه رکي سگهيا، 9 مئي جي واقعن تي ڏکارو آهيان، مڪمل ذميواري عمران خان جي آهي. اڳوڻي ايم پي اي چيو ته عمران خان پاڪستان جي نوجوان نسل کي اڪسايو، مان ڪنهن سيٽ جو اميدوار ناهيان، منهنجي تڪ جي ٽڪيٽ ڏيندي مون سان صلاح به نه ڪئي وئي، هاڻ عمران خان سان گڏ نٿو هلي سگهان.