بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏين جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجيٽ تياري جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معاشي ٽيم طرفان بجيٽ تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهن جي تڪليف گهٽائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، غريب طبقي جون ڏکيائيون گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا وڃن.