My WordPress Blog

ڪورڪمانڊر هائوس حملي ۾ ملوث خديجا شاهه فوج کان معافي گهري ورتي

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملي ۾ گهربل پاڪستان تحريڪ انصاف جي حامي ۽ مشهور فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت کان معافي گهري ورتي آهي.  فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه جو آڊيو سامهون آيو جنهن ۾ هن پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ جو چيو پر پوليس کي گرفتاري ڏيڻ بدران گهر مان فرار ٿي وئي. آڊيو ۾ خديجه شاهه چيو ته مان گرفتاري ڏيڻ واري آهيان، اهو فيصلو مون ان ڪري ورتو ڇو ته گذريل 5 ڏينهن منهنجي لاءِ ڏاڍا ڏکيا هئا، مون کي پنهنجي ڪا به پرواهه ناهي، پر هنن منهنجي خاندان سان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ناقابل برداشت آهي، هو منهنجي گهر ۾ گهڙي، منهنجي پيءُ، ڀاءُ ۽ مڙس کي اڌ رات اغوا ڪري ويا. آڊيو ۾ خديجه شاهه اعتراف ڪيو ته هن فوجي قيادت خلاف نامناسب ٽوئيٽس ڪيا۽ چيو ته هن جذبات ۾ اچي ٽوئيٽس ڊيليٽ ڪيا ۽ ان تي معافي گهري. خديجه اهو به اعتراف ڪيو ته هوءَ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي وقت اتي موجود هئي، حملي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون پر ڪنهن کي باهه ڏيڻ يا ڀڃ ڊاهه لاءِ نه ڀڙڪايو. آڊيو ۾ هن چيو ته مون وٽ ٻٽي شهريت آهي ۽ سفارتخاني سان رابطو ڪري رهيو آهيان. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته مون جهڙين عورتن کي جيلن ۾ نه وڌو وڃي. هن چيو ته مان اڳوڻي آرمي چيف جي ڏوهٽي آهيان ۽ فوجي وڌيڪ عام ماڻهو گهٽ آهيان.

Leave A Reply

Your email address will not be published.