My WordPress Blog

ڊجيٽل آدم شماري جي نالي تي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي: رياض چانڊيو

0

ملير ( ويب ڊيسڪ ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه ۽ ٻين اڳواڻن ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ آدم شماري تي عدم اعتماد ڪيون ٿا، هڪ  سازش تحت سنڌ جي آدم شماري کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. 28 مئي تي آدمشماري، بيروزگاري ۽ پورٽ قاسم انتظاميا پاران مقامي ماڻهن سان ناانصافي خلاف هڙتال جو سڏ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رياض چانڊيو چيو ته 28 مئي تي سڄي سنڌ ۾ پرامن هڙتال ڪئي ويندي هڪ منصوبي تحت سنڌ جي آدم شماري کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي خاص ڪري ملير سميت سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آدم شماري عملي ڳڻپ ڪرڻ بدران گهر ويٺي آدم شماري ڪئي آهي. هن چيو ته ڊجيٽل آدم شماري جي نالي تي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت آدم شماري کي قبول نه ڪندا. اسان وفاقي حڪومت پاران ڪرايل آدم شماري کي تسليم نٿا ڪيون. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هن وقت آدمشماري صحيح نموني نه ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، آدمشماري ڪندڙ عملو سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي ان وقت سنڌ حڪومت صحيح نموني آدمشماري ڇو نه ڪرائي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وفاق ۽ سنڌ ۾ آهي ان باوجود سنڌ جي آدم شماري گهٽ ڏيکاري وئي آهي. جيڪا سنڌي قوم سان ظلم ۽ ناانصافي آهي. رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ بک بدحالي ڇانيل آهي ڪراچي کان ڪشمور تائين غربت سبب ماڻهون خودڪشيون ڪري رهيا آهن پورٽ قاسم انتظاميا مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻاهرين ماڻهن کي روزگار ڏيئي رهي آهي. سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي ملير ضلعي ۾ ٿي آهي ان باوجود آدمشماري ۾ ملير کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، پورٽ قاسم انتظاميه مقامي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. هن چيو ته پورٽ قاسم انتظاميه مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيڻ خلاف پورٽ قاسم جي مک گيٽ آڏو ملير جا لکين ماڻهون ڌرڻو هڻي ويهي رهندا. ان موقعي تي ممتاز بروهي، شوڪت سانبل، نثار چانڊيو، عنايت چانڊيو، فقير بشير چانڊيو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.