My WordPress Blog

وفاقي حڪومت پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن واري فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪري ڇڏي

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي پنجاب جي نگران حڪومت ۽ وفاقي سرڪار سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. جمع ڪرايل جواب ۾ وفاقي حڪومت طرفان پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊن واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي آهي. وفاقي سرڪار پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته آزداڻي ۽ غيرشفاف اليڪشن ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته سُپريم ڪورٽ پاڻ تاريخ ڏئي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي غيراثرائتو ڪري ڇڏيو، پنجاب ۾ پهريان چونڊون ٿيون ته قومي اسيمبلي جون چونڊون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ سيٽون رکڻ وارو صوبو آهي، پنجاب ۾ ڪاميابي سان اهو تعين ٿيندو آهي ته مرڪز ۾ حڪومت ڪير ڪندو. وفاقي حڪومت پنهنجي جواب ۾ چيو ته پنجاب ۽ قومي اسيمبلي جون چونڊون هڪ ئي وقت تي ٿيڻ گهرجن، سُپريم ڪورٽ پنهنجي چار اپريل واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، سُپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي اليڪشن ڪميشن جا اختيار استعمال ڪيا. ٻئي پاسي پنجاب جي نگران حڪومت به 14 مئي واري چونڊن بابت ڪيس ۾ پنهنجو جواب سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. پنجاب ۾ 14 مئي واري چونڊن بابت ڪيس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار سُپريم ڪورٽ وٽ نه آهي. پنجاب جي نگران حڪومت صوبي ۾ فوري چونڊن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار رياست جي ٻين ادارن کي آهي. نگران صوبائي حڪومت جواب ۾ چيو ويو آهي ته 14 مئي تي چونڊن جي تاريخ ڏئي اختيارين جي آئيني ورڇ جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، آرٽيڪل 218 تحت صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. پنجاب حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته اختيارن جي ورهاست کي نظر ۾ رکندي سُپريم ڪورٽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏني. نگران صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته اليڪشن پروگرام ۾ تبديلي جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، نوَ مئي وارن واقعن بعد صوبي ۾ سيڪيورٽي حالتون تبديل ٿي ويون آهن. پنجاب حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ سول ملٽري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، پُر تشدد احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا، مظاهرن ۾ 162 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا ۽ پوليس جي 97 گاڏين کي ساڙيو ويو . پنجاب جي نگران حڪومت جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ چونڊن لاءِ پنج لک 54 هزار سيڪيورٽي اهلڪار گهربل آهن، هن وقت جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته رڳو 77 هزار جي نفري دستياب آهي. ياد رهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ گذريل مهيني چار اپريل تي پنجاب اسيمبلي لاءِ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو جنهن تي اليڪشن ڪميشن 14 مئي جي چونڊن واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.