My WordPress Blog

 نون مئي وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ هڪ ٺهراءَ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نوَ مئي وارن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ 1956، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۽ فوجداري ظابطن تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف 9 مئي بابت ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو . ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي تي دل کي ڌوڏيندڙ شرم جوڳا واقعا پيش آيا، ملوث عنصرن خلاف موجودا قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملوث عنصرن، سهولتڪارن، مددگارن خلاف آرمي ايڪٽ 1956، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۽ فوجداري ظابطن تحت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته نوَ مئي وارن واقعن سبب سموري دُنيا ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿي، ايوان هٿياربند فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. ان کانسواءِ نوَ مئي وارن واقعن تي قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ پڻ پيش ڪيو ويو جنهن کي منظور ڪيو ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.