مڪاني ادارن جا نوان چونڊجي آيل نمائندا پنهنجي، پنهنجي علائقن جي خدمت ڪندا: وڏو وزير
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه مڪاني ادارن جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي قسم کڻڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل نمائندا سياست کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي لاڳاپيل علائقن جي خدمت ڪندا. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ پ پ جي جمهوري ادارن کي هٿي ڏيڻ جو ثبوت آهي. سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن جلد مڪاني ادارن جي چونڊ مڪمل ڪري اختيار چونڊيل نمائندن حوالي ڪندي.