My WordPress Blog

” متان موٽيا آهيو “عمران خان پرڏيهه ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي مُلڪ اچڻ کان روڪي ڇڏيو

0

لاهور ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سمورن پارٽي اڳواڻن کي گرفتاري کان بچڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ ذريعن موجب، عمران خان سان پرڏيهه ۾ رهندڙ اڳواڻن رابطو ڪيو آهي جن کي عمران خان پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. مخدوم طارق، زلفي بخاري ۽ شهباز گِل سميت ٻين اڳواڻن کي ٻن هفتن تائين ملڪ واپس نه ورڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب عمران خان چيو آهي ته جيسيتائين پارٽي معاملا ٺيڪ نه ٿيندا اوهان وطن واپس نه اچو، پاڪستان واپس اچڻ جي صورت ۾ اوهان جي گرفتاري جو امڪان آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.