My WordPress Blog

عمران خان کي جيڪو وڻي ڪري، آڊيو ليڪس جي جاچ کان پوئتي نه هٽنداسين: خواجا آصف

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آڊيو ليڪس جاچ تان پوئتي نه هٽنداسين، بي شڪ عمران خان ڪميشن جوڙڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ان ڪائي اهڙي ڳالهه ناهي جنهن کي چئلينج ڪري سگهجي، آڊيو ليڪ جو سلسلو هلي رهيو آهي، ممڪن آهي اڳتي به ائين ٿئي. هن چيو ته آڊيوز ۾ جيڪي شيون سامهون آيون انهن ۾ اهو ثابت ٿيڻ گهرجي ته ڪيتري حقيقت آهي، آڊيو ليڪس ۾ اهم شخصيتن، ذميوارن ۽ عهديدارن جي ڳالهه ٻولهه آهي. خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن اصل چهرا عوام جي آڏو وائکو ٿي وڃي ته سٺو ٿيندو، اها عمران خان جي پنهنجي راءِ آهي ته اجازت کانسواءِ ڪميشن نٿي ٺهي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته آڊيو ليڪس جاچ جو قدم نيڪ نيتي سان کنيو ويو آهي، جاچ سان هٿ چراند ڪرڻ سياست ۾ شفافيت کي روڪڻ برابر آهي، هي گند پکيڙڻ چاهين ٿا، هو انهن چهرن کي وائکو ٿيندي نٿا ڏسڻ چاهين جن چار سال گند پکيڙيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.