عمران خان ججن جي آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ قائم عدالتي ڪميشن خلاف وڏو قدم کڻي ورتو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ قائم عدالتي ڪميشن کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عمران خان پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ ذريعي سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي اجازت کانسواءِ نه عدالتي ڪميشن جوڙي سگهجي ۽ نه ڪنهن جج کي نامزد ڪري سگهجي ٿو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سُپريم ڪورٽ جي ڪنهن جج خلاف جاچ يا ڪارروائي جو فورم رڳو سُپريم جڊيشل ڪائونسل آهي، ان ئي حڪومت جي هوندي آڊيو ٽيپ ٿينديون رهيون، جاچ جي عمل ۾ اهو به شامل ڪيو وڃي ته آڊيو ٽيپ ڪنهن ڪيون. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سُپريم ڪورٽ پنهنجي 1999ع واري ججمينٽ کي فالو ڪندي ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏئي جيڪا آڊيو ليڪس جي منصفاڻي ۽ شفاف جاچ ڪري، جڏهن ته هن عدالتي ڪميشن جي قيام وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.