My WordPress Blog

شيرين مزاري آزدي بعد ٻيهر گرفتار

0

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري کي آزادي بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. جيل انتظاميا موجب، شيرين مزاري جي  آزادي وارا حڪم ملڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو هو. شرين مزاري جي وڪيل انيق کٽانه جو چوڻ آهي ته شيرين مزاري کي بعد ٻيهر گرفتاري ڪيو ويو آهي. وڪيل موجب، اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد شيرين مزاري کي پنجاب پوليس وٺي وئي آهي، کيس ڪيڏانهن وٺي وئي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي، نه ئي پوليس ڪجهه ٻڌائي رهي آهي. واضح رهي ته شيرين مزاري جي آزادي جا حڪم لاهور هاءِ ڪورٽ راولپندي بئنچ جاري ڪيا هئا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.