انساني حقن جا چيمپيئن ڪشمير مسئلي تي ڇو خاموش آهن؟: بلاول ڀٽو
مظفرآباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سري نگر ۾ جي 20 اجلاس ڪري ڀارت صدارت جو غيرقانوني استعمال ڪري رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بلاول چيو ته ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي تسليل ٿيل تڪرار آهي، ڪشمير معاملي تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ هڪ اهڙي جماعت حڪمران آهي جيڪا فاشزم ۽ مذهبي جنونيت تي يقين رکي ٿي، هو جيتري به چانهه پيئن پيئاري سگهون ٿا ته پر مهنجي مُلڪ جو دفاع ڪنداسين. بلاول ڪشمير مسئلي تي عالمي برداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته دنيا جي ٻين خطن ۾ انساني حقن جا چيمپيئن بڻجندڙ ڪشمير ۾ سنگين ڀڃڪڙين تي پنهنجون اکيون ڪيئن ٻوٽي سگهن ٿا. هن چيو ته هو هتي ڪشميري عوام سان ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ آيو آهي، ڄمون ۽ ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي، ڪشميرين جا حق ۽ خواهشون لتاڙيون ويون.