My WordPress Blog

”افسوس جي ڳالهه آهي عمران خان ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي وساري ڇڏيو آهي“

0

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي نياڻي ايمان مزاري چيو آهي ته سندس والده والده کي هڪ هفتي ۾ ٽي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو پر اڄ عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ايمان مزاري چيو ته حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته گهرن کي اهڙي طرح برباد نه ڪيو وڃي. ايمان مزاري وڌيڪ  چيو ته سندس تحريڪ انصاف سان ڪوبه واسطو ناهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته عمران خان ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي وساري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ  پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاريءَ کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ جسٽس چوڌري عبدالعزيز پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي نظربندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران شيرين مزاري جي نياڻي ايمان مزاري، وڪيل بئريسٽر شعيب رزاق، انيق کٽانه ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاريءَ کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالت چيو ته شيرين مزاري ڪنهن ڪيس ۾ نامزد ناهي ته کيس ٻيهر گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ شيرين مزاري ڊپٽي ڪمشنر وٽ قسم نامو جمع ڪرائي ته ٻيهر ڪنهن اهڙي سرگرمي ۾ شامل نه ٿيندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.