اسٽيبلشمينٽ جيستائين عوام جي ڳالهه نٿي ٻڌي،سڌارو نه ايندو: مالڪ بلوچ
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ڪامريڊ محمد رمضان ميمڻ جي ڪتاب “حلقه زنجير مين زبان” جي مهورتي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ مهمان خاص نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر حميده گهانگهرو، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ ناصر منصور، ڊاڪٽر توصيف احمد، ڊاڪٽر رياض شيخ، مشهور سياستدان نواز بٽ، ڄام ساقي جي ڀاءُ ڊاڪٽر سلطان سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، صحافين توڙي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر جبار خٽڪ خطاب ڪندي چيو ته اسان جي سياسي ۽ نظرياتي تاريخ ۾ صرف هڪ ٻه شمعون جلڻ سان انقلاب ناهي ايندو، هڪ تحريڪ هلائڻي پوندي آهي، محمد رمضان ميمڻ هڪ شمع آهي جيڪا ٻري پئي، چند شمعون ٻرنديون رهيون ته انقلاب اچي ويندو. اسين حۡڪومت جي عوام دشمن پاليسين جي مخالفت ڪندا رهنداسين ۽ عوام دوست پاليسين تي ساراهڻ پڻ گهرجي. انقلاب تمام پري آهي پر جدوجهد جاري رکڻو آهي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل جو مستقبل بهتر ٿئي. حميده گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ رمضان سان گڏ مان 2 چڪر جيل وئي آهيان، 7 ڏينهن پريڊي ٿاڻي تي رکيو ويو پوءِ جيل منتقل ڪيو ويو، هي ڪتاب پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته اسين هڪ ٻي سان اڄ به جڙيل آهيون. هن چيو ته پاڪستان يا بلوچستان جي تاريخ ۾ هي پهريون واقعو هوندو جو يوم مئي جو ڏينهن اسان سڀئي مچ جيل ۾ قيد ڪاٽيندي ملهايوسين. ڪتاب اندر جيڪي يادون آهن ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي جدوجهد جو واضح مثال آهي. ڪميونسٽ پارٽي ۾ اگر اسان انقلاب نه آندو ته اها سوچ ڇا گهٽ آهي جو هن دور جو نسل اسان کي ياد رکي ٿو، ڪميونسٽ ڪڏهن ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ماڻهن پنهنجي اولاد کي سڌي راه ڏيکاريندي رشوت نه وٺڻ جي تربيت ڏني. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ ناصر منصور خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ماضي ۽ حال ۾ فخر آهي ته اسان جو تعلق ڪميونسٽ پارٽي سان آهي. اسان کي غلطين جو اعتراف ڪرڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته بلديا فيڪٽري ۾ سوين ماڻهو ساڙي ماريا ويا عثمان بلوچ کان سواءِ ڪو به نه آيو، اسان بحريا ٽائون قبضا مافيا سميت هر ظلم خلاف احتجاج ڪيا آهن پر مزدورن جي حقن جي احتجاج ۾ ڪو به حصو نه پيو وٺي. ٽريڊ تيستائين نه ٿي وڌي سگهي جيستائين هندستان سان واپار شروع نٿو ڪيو وڃي، دنيا جا بارڊر هڪ ٻي سان جڙيل آهن پر پاڪستان ۽ انڊيا جو بارڊر بند آهي جنهن سبب ٽريڊ کي نقصان پيو پهچي. هن چيو ته عمران خان ڪالھه به فاشسٽ هيو ۽ اڄ به آهي پر هن فوج جي جرنيلن کي وائکو ڪيو، عمران جي ايف آءِ آر ان جي حق مطابق جوابدارن تي ڪٽڻ گهرجي. ڊاڪٽر توصيف چيو ته هي ڪتاب ڪجهه به ناهي، محمد رمضان ميمڻ ۽ شاهينه تي فلم ٺهڻ گهرجي ڇو جو انهن جي جدوجهد جو مثال نوجوان نسل لاءِ هڪ بهتر رستو آهي. نواز بٽ جو چوڻ هو ته جنرل باجوا ٻه سال اڳ بلوچستان ۾ چيو هو ته انڊيا سان واپار شروع ڪرڻ گهرجي، فوج هاڻي انڊيا سان جنگ نه پر پاڪستان مان طالبان ختم ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهي آهي، دنيا معاشي طور تي تبديل ٿي رهي آهي تمام ملڪن جو ڌيان آمريڪا بدران چين ڏانهن آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو 14 سئو سالن کان مسلمان نه ڪري سگهيا اهو اٿيئسٽ ملڪ چين ڪري ڏيکاريو جو سعودي ۽ ايران پاڻ ۾ دوست ٿي ويا. ڄام ساقي جي ڀاءُ ڊاڪٽر سلطان جو چوڻ هو ته هن ڪتاب ۾ رمضان ميمڻ جي لکڻي واضح آهي جنهن ۾ هن ڪا به لڪيل ڳالھ ناهي ڪئي. ڊاڪٽر رياض شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ رمضان ۽ شاهينه رمضان جي جوڙي هير رانجها واري آهي، اها وڏي ڳالهه آهي ته ڄام ساقي ۽ ڪامريڊ رمضان جا گهرو تعلق اڃا به قائم ۽ دائم آهن. رياست پهريان کان وڌيڪ خوفناڪ ٿي وئي آهي، بلوچستان ۾ چچريل لاش ۽ سالن کان گمشدگين جو مثال ڪميونسٽ تحريڪ وارو آهي. هن چيو ته پورهيت اڄ به ساڳي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اشرافيا کي ٻڌايون ٿا ته بنگلاديش ٺهڻ اوهان جي غلطي هئي، اڄ به جيڪڏهن بلوچستان پاڻ کي پاڪستان جو حصو نه ٿو سمجهي ته ان ۾ به اوهان جي غلطي آهي. ڪتاب جي ليکڪ ۽ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان ميمڻ جو چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال اها آهي جو جنهن کي هيرو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي ان تي تاڙيون وڄايون پيون وڃن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته رڳو ماڻهو گڏ ڪرڻ ۽ اتحاد ٽوڙڻ سان انقلاب نه ٿو اچي سگهي، اڄ ڪلھه عمران به فوج خلاف آهي ته فوج آمريڪا خلاف آهي پر اسين عوام جي مفاد جي مخالفت نه ٿا ڪري سگهون، اتحاد جي نالي جابر قوتن جي غلامي قبول ناهي. آخر ۾ نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ تقريب جي مهمان خاص ڊاڪٽر عبدالمالڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ رمضان ميمڻ کي ڪتاب جي مهورت جي مبارڪ ڏيان ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ ۾ گهٽ ڪم ڪيو آهي، هتي به نوجوانن جو تعداد تمام گهٽ آهي، ايوب خان کان پوءِ ضياء الحق شاگرد تنظيمن تي پابندي مڙهي. هن چيو ته اسان ايتريون قربانيون ناهن ڏنيون جيتريون ڪامريڊ رمضان ۽ شاهينه رمضان سميت ٻين دوستن ڏنيون. هن جو چوڻ هو ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جيستائين عوام جي ڳالهھ نه ٻڌندي تيستائين ملڪ بهتري طرف نه ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪو اهڙو گهر ناهي جتي ماڻهو قيد نه هجي، ان جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي، جيستائين عدالت آزاد نه ٿيندي، ميڊيا تي پابندي نه هوندي ۽ رياست آئين تي عمل نه ڪندي تيستائين ڪجهه تبديل نه ٿو ٿي سگهي.