My WordPress Blog

آرمي چيف 9 مئي وارن واقعن بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

0

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير 25 هين مئي تي يومِ تڪريمِ شهدائي پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن فوجي ملڪيتن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمتن تي حملن کي انتهائي افسوس جوڳو قرار ڏنو ۽ چيوته اهي ناقابل برداشت آهن. پاج فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ غازين جي اعزاز ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. آرمي چيف طرفان آپريشنز دوران شاندار خدمتن تي آفيسرن ۽ جوانن کي اعزازن سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، 51 آفيسرن کي ستاره امتياز ( ملٽري )، 22 آفيسرن  ۽ جوانن کي تمغهِ بسالت سان نوازيو ويو جڏهن ٻن جوانن کي گڏيل قومن جي خاص ميڊلز سان نوازيو ويو . ان موقعي تي آرمي چيف عاصم منير جو چوڻ هو ته شهيدن جي فرض شناسي ۽ عظيم قربانين جي ڪري اسان آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون ، شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جون خدمتون اسان جو املهه اثاثو ۽ سرمايو آهن. هن چيو ته پاڪ فوج اداري طور پنهنجي هر فرد ۽ ان جي پونئنرن کي سدائين ياد رکي ٿو. آرمي چيف 25 مئي تي يومِ تڪريم شهدائي پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هر سپاهي تعصب ۽ امتيازن کان مٿانهون ٿي پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي اهميت ڏئي ٿو، مضبوط فوج مُلڪ جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي. جنرل عاصم منير نوَ مئي واري ڏينهن فوجي ملڪيتن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمتن تي حملن کي انتهائي افسوس جوڳو قرار ڏنو ۽ چيوته اهي ناقابل برداشت آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.