My WordPress Blog

پي ٽي آءِ جي 72 ايم اين ايز جي استعيفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 72 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم رياض فتيانه سميت ٻين جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ۽ تحريڪ انصاف جي 72 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري جو اليڪشن ڪميشن ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو. عدالت فواد چوڌري، حماد اظهر، شاهه محمود قريشي، شفقت محمود ۽ رياض فتيانه سميت ٻين جي استعيفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو. عدالت ميمبرن کي استعيفيٰ واپس وٺڻ لاءِ اسپيڪر سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، عدالت چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر سڀني ميمبرن کي ٻيهر ٻڌي فيصلو ڪري.

Leave A Reply

Your email address will not be published.