My WordPress Blog

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ معاهدو نه ٿيڻ جا اهم ڪارڻ سامهون اچي ويا

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدي ۾ دير جو سبب عالمي ۽ پاڪستان جي سياسي صورتحال آهي. ذريعن موجب پاڪستان 1988 جهڙي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇو ته ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ به پاڪستان اهڙي ئي دٻاءَ کي منهن ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙن مطالبن تي عملدرآمد جي اميد ڪئي پئي وئي، جيڪي ڳالهين ۾ نه ڪيا ويا، اهي مطالبا آمريڪا طرفان مختلف سطح تي ملاقاتن ۾ ڪيا ويا. ذريعن موجب هاڻ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ معاشي لاڳاپا به معاهدو نه ٿيڻ جو سبب آهن، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختيارين ۾ معاهدو نه ٿيڻ جو ٻيو سبب اعتماد جي کوٽ آهي، آءِ ايم ايف سمجهي ٿو ته قرض جاري ڪيو ويو ته حڪومت ان کي اليڪشن ۾ استعمال ڪري ڇڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان ضمانت چاهي ٿو ته قرض جي رقم سياسي فائدي لاءِ استعمال نه ٿئي، آءِ ايم ايف امڪاني نگران حڪومت جي معاهدي تي ڪاربند رهڻ جي به ضمانت چاهي ٿو. ذريعن موجب پاڪستان جي سياسي صورتحال به اسٽاف ليول معاهدي ۾ هڪ رنڊڪ آهي، آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ اهڙا هدف چاهي ٿو، جن کان انڪار نه ڪري سگهجي، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته ڪنهن به شعبي جا رکيل فنڊ بجيٽ منظور ٿيڻ تي ٻئي پاسي منتقل نه ڪيا وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.