عمران خان گهر جي تلاشي لاءِ حڪومت سامهون شرط رکي ڇڏيا
لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهر جي تلاشي لاءِ سرچ وارنٽ حاصل ڪري ورتا، جڏهن ته حڪومتي ڪميٽي جون پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهيون ختم ٿي ويون، عمران خان گهر جي تلاشي وٺڻ لاءِ حڪومت سامهون شرط رکي ڇڏيا. لاهور جي ڪمشنر جي سربراهي ۾ پوليس ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل ٽيم زمان پارڪ ۾ داخل ٿي ۽ عمران خان جي وڪيلن کي وارنٽ ڏيکاريا، حڪومتي ٽيم ۾ ڊي سي او لاهور رافعه حيدر، ڊي آءِ جي آپريشنز صادق علي ڊوگر ۽ ايس ايس پي صهيب اشرف موجود هئا، لاهور جو ڪمشنر محمد علي رنڌاوا پوليس آفيسرن سان گڏ عمران خان جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿيو. ڌرين ۾ ڳالهين ٻولهه سٺي ماحول ۾ تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، جنهن کانپوءِ ڪمشنر عمران خان جي رهائشگاهه مان نڪتو ۽ آپريشن بابت ڪنهن به قسم جي سوالن جا جواب ڏيڻ بنا روانو ٿي ويو. هوڏانهن تحريڪ انصاف ڳالهين جي حوالي سان پڌرائي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومتي ٽيم دهشتگردن بابت سموريون شاهديون زمان پارڪ انتظاميا حوالي ڪيون، عمران خان جي ملازمن طرفان انتظاميا کي گهر جي تلاشي جي اجازت نه ڏني وئي، جڏهن ته عمران خان سرچ آپريشن لاءِ شرط رکيا آهن. حڪومتي ذريعن موجب ڪمشنر دهشتگردن جي لسٽ عمران خان حوالي ڪئي ۽ عمران خان کي وفد ٻڌايو ته ڪيترن ئي دهشتگردن کي هتان فرار ٿيندي پڪڙيو ويو آهي ۽ ڪيترن کي ئي هتان ڀڄايو ويو آهي. ذريعن موجب عمران خان کي 9 مئي تي فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ دهشتگردن بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ ان جا ثبوت به فراهم ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي رهائشگاهه ۾ موجود ملازمن ۽ اڳواڻن کي ڇاپي دوران پوليس سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پوليس اختيارين موجب زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر جي تلاشي لاءِ ويندڙ ٽيم ۾ ايس پي ۽ عورت اهلڪار به شامل هونديون، دهشتگردن جي ڳولا لاءِ گهر جي اندروني ۽ ٻاهرين حصن جي سرچنگ ڪئي ويندي.