عمران خان جي ليگل ٽيم پوليس کي زمان پارڪ جي سرچ آپريشن جي اجازت ڏئي ڇڏي
لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهر جي تلاشي لاءِ سرچ وارنٽ حاصل ڪري ورتا. پوليس موجب گهر جي تلاشي لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر ۽ عورت پوليس اهلڪار به موجود هونديون، جنهن دوران گهر جي اندروني ۽ ٻاهرين حصن ۾ سرچنگ ڪئي ويندي، جڏهن ته ان دوران ڪمشنر لاهور ڊويزن به موجود هوندو. پوليس عمران خان جي گهر ٻاهران ۽ اندر اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن عمران خان جي ليگل ٽيم به زمان پارڪ پهچي وئي جنهن سرچ وارنٽ ڏسي پوليس کي گهر جي تلاشي جي اجازت ڏئي ڇڏي.